شيرازي سيد

شيرازي سيد: شيراز ايران جو هڪ شهر آهي، ان شهر جي نسبت سان اتان جا رهاڪو ‘شيرازي’ سڏجن ٿا. شيرازي سيدن جا وڏا 786هه/1384ع ڌاري شيراز کي خيرباد چئي قنڌار کان ٿيندا سيوهڻ پهتا، جن مان ڪجهه سيوهڻ ۾ رهيا ۽ ڪجهه سيد محمد ۽ سندس فرزند سيد احمد ۽ ٻيا ساموئيءَ کان ٿيندا اچي ٺٽي شهر ۾ سڪونت پذير ٿيا. پاڻ قاضي نعمت الله عباسيءَ سان رشتيداري ڪري هميشه لاءِ ٺٽي شهر ۾ آباد ٿي ويٺا. ان کان پوءِ ٻيا به ‘شيرازي سيدشيراز کان اچي سنڌ ۾ ويٺا. شڪر الله سيد ۽ انجوي سيد به شيرازي خاندان مان آهن. سنڌ جو نامور مصنف مير علي شير قانع به شڪرالله شيرازيءَ جي خاندان مان هو. هن وقت ٺٽي جي شيرازي سيدن ۾ سياستدان اعجاز حسين شاهه شيرازي، شفقت حسين شاهه شيرازي ۽ اياز حسين شاهه شيرازيءَ جا نالا قابل ذڪر آهن.


لفظ شيرازي سيدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو